ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ صنعتن ۽ سي اين جي شعبي لاءِ 24 ڪلاڪ گئس بندش جو اعلان ڪيو ويو آهي.سوئي سدرن گئس ڪمپني موجب، صنعتن ۽ سي اين جي شعبي کي گئس جي فراهمي آچر جي صبح 8 وڳي کان ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ معطل رهندي.سوئي سدرن موجب، گئس جي بندش صنعتي صارفين ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي لاڳو ٿيندي.










