جج برطرفي ڪيس: باجوه ۽ فيض کي ڌر بنائڻ جي درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي ڪيس ۾ اڳوڻن فوجي آفيسرن کي ڌر بنائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، برگيڊيئر(ر) عرفان رامي، برگيڊيئر(ر) فيصل مروت ۽ برگيڊيئر(ر) طاهر وفائي کي ڌر بنائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اڳوڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انور ڪانسي ۽ اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ارباب عارف کي به ڌر بنائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو