صدارتي استثنيٰ ، زرداري خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي،عدالت

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه گاڏين بابت ريفرنس ۾ آصف زرداري جي صدارتي استثنيٰ جون درخواستون منظور ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد توشه خانا گاڏين بابت ريفرنس ۾ آصف زرداري جي صدارتي استثنيٰ جي درخواستن تي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت جي فيصلي موجب صدارتي استثنيٰ حاصل ڪرڻ بعد ملڪ جي صدر خلاف ريفرنسز تي ڪارروائي روڪي وئي آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين آصف زرداري صدر آهي تيستائين سندس خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، آصف زرداري طرفان آرٽيڪل 248 (2) تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آصف زرداري صدر آهي، انهن خلاف فوجداري ڪيسن جي ڪارروائي جاري نه ٿي سگهي. عدالت چيو ته پراسيڪيوشن درخواستن تي اعتراض نه ڪيو ۽ مخالفت نه ڪئي ته صدر خلاف آرٽيڪل 248 (2) تحت ڪيس هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪارروائي جاري رکي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو