صحت کاتي جي آفيسرن جي آن لائن رجسٽريشن لازمي قرار

صحت کاتي جي آفيسرن جي آن لائن رجسٽريشن لازمي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي جي گريڊ 16 کان 20 تائين جي آفيسرن جي آن لائن رجسٽريشن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.صحت کاتي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي صحت کاتي کاتي ۾ شفافيت آڻڻ ۽ ملازمن جي سروس ريڪارڊ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني آفيسرن کي آن لائن رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڊپٽي سيڪريٽري (اسٽاف) پاران جاري ڪيل خط موجب، گريڊ 16 کان 20 تائين جي سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نئين HRMIS سسٽم تي پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ جي ضرورت پوندي.رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 مارچ 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته رجسٽريشن جي عمل ۾ غفلت، معلومات لڪائڻ يا غلط بياني جي مرتڪب آفيسرن خلاف سخت تاديبي ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو