صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي انساني اسمگلنگ ۽ فراڊ ڪيس ۾ گرفتار سماجي ڪارڪن صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.صارم برني خلاف انساني اسمگلنگ ۽ فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت جوابدار صارم برني جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن ۽ ايف آءِ اي جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن خلاف وڌيڪ ثبوت گڏ ڪرڻا آهن، جيڪڏهن جوابدار جي ضمانت ٿي ته جاچ متاثر ٿي سگهي ٿي، جوابدار مسلسل ڪوڙ جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، جاچ دوران وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن،ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته نينگري جي ماءُ جو بيان آهي ته هن ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ صارم برني سان رابطو ڪيو، سارم برني ماءُ کي ڇوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو