شڪارپور: (ن س) شڪارپور ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري هڪ وڪيل ۽ سندس ڀائٽيو کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي نوشهروابڙو روڊ، لاڙي سوئي گئس وٽ پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن ڪار کي نشانو بڻايو.فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ايڊووڪيٽ علي حسن بروهي ۽ ڀائٽيو نذير احمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا. ٻنهي کي زخمي حالت ۾ ڊرائيور پنهنجي ڪار ذريعي سول اسپتال شڪارپور پھچايو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا. ٻنهي جو پوسٽ مارٽم مقامي اسپتال ۾ ڪيو ويو.واقعي جي اطلاع شڪارپور ڪورٽ پهچڻ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پنهنجو ورڪ معطل ڪري ڇڏيو ۽ وڪيل برادري پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.پوليس وڌيڪ تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.










