شير شاهه، پلاسٽڪ جي گودام ۾ لڳل باهه تي ضابطو

شير شاهه، پلاسٽڪ جي گودام ۾ لڳل باهه تي ضابطو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي شيرشاهه واري علائقي ۾ اڪبر روڊ تي پلاسٽڪ جي گودام ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. فائر برگيڊ جي فوري ڪارروائي کان پوءِ، 2 فائر ٽينڊرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، ۽ ٿڌي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. فائر برگيڊ عملدارن موجب، باهه لڳڻ سبب گودام ۾ موجود سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه لڳڻ جو صحيح سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو