شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انساني حقن واري اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ثمن رفعت امتياز شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جتي شيرين مزاري پنهنجي وڪيل سميت پيش ٿي. نيب پراسيڪيوٽر رفيع مقصود چيو ته اسان مارچ ۾ ئي شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي هئي.رفيع مقصود موجب شيرين مزاري 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ جوابدار ناهي.اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان 27 مارچ تي وزيراعظم کي خط به لکيو ۽ ٻڌايو ته شيرين مزاري ان ڪيس ۾ ملوث ناهي.جسٽس ثمينه رفعت امتياز چيو ته ڪابينا جا ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، هي ڪم اسان ڪري ٿا ڏيون.عدالت شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو