شيرين جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو .عدالت شيرين مزاري جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ کي ناانصافي ۽ غير قانوني قرار ڏيندي ڊي جي اميگريشن کي چيو ته شيرين مزاري جو نالو پي سي ايل مان ڪڍي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڊي جي اميگريشن هڪ هفتي اندر ڊپٽي رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد پوليس جي سفارش تي شيرين مزاري جو نالو پي سي ايل لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو