شيخ رشيد ۽ شيخ شاڪر جي نظربندي خلاف درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد، ڀائٽي شيخ شاڪر ۽ ملازمن جي نظربندي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ عامر شفيق داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس اهلڪارن شيخ رشيد ۽ ٻين کي بنا وارنٽ گرفتار ڪيو.شيخ عامر شفيق درخواست ۾ چيو آهي ته شيخ شاڪر واپاري آهي، شيخ رشيد سان گڏ کيس به غير قانوني حراست ۾ رکيو ويو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پوليس کي هدايت ڪئي وڃي ته گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو