شيخ رشيد ۽ راشد شفيق جي ضمانت ۾ 9 ڊسمبر تائين واڌ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق جي عبوري ضمانت ۾ 9 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق جي 8 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت تي 9 مئي تي ٻڌڻي ٿي.ان موقعي تي شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.بعد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان جي اصل ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ ۾ ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ حڪومتي پراسيڪيوٽر دليلن لاءِ ٻيهر وقت گهريو، اسان عبوري ضمانت تي دليلن لاءِ تيار آهيون. شيخ رشيد جو اهو به چوڻ هو ته مري وڃڻ سان چونڊ مهم نه ٿي، کين خبر تڏهن پوندي جڏهن هو عوام ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو