راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نظربندي بابت پوليس جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ شيخ رشيد جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران راولپنڊي پوليس اڳوڻي وزير جي نظربندي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پوليس رپورٽ موجب شيخ رشيد کي راولپنڊي پوليس جي حدن ۾ نه ايندڙ فيز 3 مان گرفتار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي پوليس جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي آر پي او راولپنڊي کي 26 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.
