شيخ رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي تڪ اين اي 56 تان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي جي اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل ۾ شيخ رشيد جي اپيل تي جسٽس مرزا وقاص رئوف ٻڌڻي ڪئي شيخ رشيد طرفان سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ چيو ته شيخ رشيد تي الزام آهي ته هن فاريسٽ ريسٽ هائوس مري ۾ قيام ڪيو جنهن جا پئسا بقايا آهن حالانڪه شيخ رشيد انهي ريسٽ هائوس ۾ ڪڏهن به ناهي ترسيو، ڪوڙا بل ٺاهي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيو الزام آهي ته هن پنهنجي ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي. اهو الزام به بي بنياد آهي، روينيو رڪارڊ ۾ ٽمپرنگ ڪري هڪ جعلي ماڻهو تيار ڪيو ويو آهي.جنهن کان پوءِ عدالت اپيل ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي 4 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن(پهرين جنوري) تي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جا اين اي 56 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو