شيخ رشيد، فردوس شميم ۽ اعجازالحق جا نامزدگي فارم منظور

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شيخ رشيد، فردوس شميم نقوي ۽ اعجازالحق جا نامزدگي فارم منظور، اليڪشن ٽربيونل عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا اين اي 56 ۽ 57 تان نامزدگي فارم منظورڪري ورتا،اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس مرزا وقاص رئوف نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن خلاف اپيل تي ٻڌڻي هلائي، اليڪشن ٽربيونل شيخ رشيد جي ڪاغذن تي آر او جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي نااهل قرار ڏيڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي، مان خانداني هئڻ سان گڏ اصلي ۽ نسلي آهيان،اڄ ڏينهن تائين نه ڪنهن جي عزت سان کيڏيو آهيان نه ڪنهن جي خلاف ڪو بيان ڏنو آهي،هن چيو ته راولپنڊي جي اليڪشن ٽربيونل اعجاز الحق جي ڪاغذن تي آر او جا اعتراض رد ڪري اين اي 55 تان سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا، اين اي 236 ڪراچي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا

پهنجو تبصرو موڪليو