ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر کان پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خلاف پوليس موبائل ساڙڻ جي ڪيس جو رڪارڊ 19 آڪٽومبر تي گهري ورتو آهي. عدالت ۾ پوليس موبائل ساڙڻ واري ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته حليم عادل ٽرائل ڪورٽ ۾ چالان جمع ٿيڻ کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي هئي. پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته چالان کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرڻ تي اي ٽي سي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. هاڻي ڪيس جو چالان جمع ٿي چڪو آهي. رڳو جاچ آفيسر کي پوليس پيپلر حاصل ڪرڻا آهن. ته ٿوري مهلت ڏني وڃي. عدالت پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر کان 19 آڪٽومبر تي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. حليم عادل شيخ جي وڪيل ايڊووڪيٽ امتياز شاهه عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل شيخ جي خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس ٺاهيو ويو آهي. پوليس مطابق حليم عادل شيخ جي خلاف ڪيس مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ داخل آهي.
