شيخ جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد احمد جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد جي خلاف هڪ ئي الزام تي سنڌ، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ داخل ڪيسن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ پوليس رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسٽيٽ ڪونسل موچڪو ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي. جسٽس طارق محمود جهانگيري پڇاڻو ڪيو ته اهي بلو راني وارا لفظ ايف آءِ آر ۾ ڪٿي لکيل آهن؟ ان ۾ مدعي ڪير آهي، ايف آءِ آر ۾ بلو راني ۽ ٻيا لفظ ته آهن ئي ڪونه. بس اهو ئي لکيل آهي ته بلاول ڀٽو جي خلاف ڪڌا ۽ غلط لفظ لڳايا ويا. جيڪي لفظ رپورٽ ۾ ٻڌايا ويا اهي ته ايف آءِ آر ۾ آهن ڪونه. آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ڪٿان اهي لفظ ورتا. جاچ آفيسر ٻڌائي اهي بلو راني وارا لفظ ڪٿي آهن ثابت ڪريو ته غير اخلاقي ڇا آهي. ايف آءِ آر ۽ 161 ٻڌايو. هي واقعو ئي اسلام آباد ۾ ٿيو آهي، بيان هتي ڏنو. ڪيس ڪراچي ۾ ويو؟ بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ شهيد ٿي، ڪراچي ۾ ڪيس داخل ٿيندو ڇا؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته يو ايس بي موجود آهي، يو ٽيوب تي وڊيو موجود آهي، 9 لک کان وڌيڪ ويوز آهن جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ياد رهي ته شيخ رشيد احمد موچڪو ٿاڻو، لسبيله ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي مٿان داخل ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو