شوڪت ترين سان اختلاف، وقار مسعود مستعفي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان اختلافن بعد وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين جو خيال آهي ته ڊاڪٽر وقار مسعود آزاديءَ سان فيصلا ڪري رهيو آهي ۽ کيس اهم فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. ذريعن موجب، ڊاڪٽر وقار مسعود شڪايت ڪئي آهي ته سندس سفارشون نظر انداز ڪيون پيون وڃن ، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين سندس تجويزن کي نظر ۾ نٿو رکي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر وقار مسعود استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين ڪم جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو