شهيد جان محمد ڪيس ۾ 3 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

سکر (ن س )سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،عدالت سينيئر صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن عاقل ڌاريجو، اميد علي جتوئي ۽ سرور جتوئي کي عدالت آڏو پيش ڪري 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي،عدالت چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏني، شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو