شهزاد، فرح گوگي ۽ زلفي بخاري جا اثاثا ضبظ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ۽ فرح گوگي جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير 19 ڪروڙ پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ۽ فرح گوگي جا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت 19 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ 6 جوابدارن جا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.احتساب عدالت جوابدارن جي نالي تي رجسٽرڊ گاڏيون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت بيان جاري ڪندي سمورن جوابدارن جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو