شهري جو قتل: عزير بلوچ جي بريت عدالت ۾ چئلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهري جي قتل ڪيس ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ ۽ ٻين جي بريت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جوابدار عزير بلوچ ۽ شاهد جي بريت خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ شريڪ جوابدار شاهد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار عزير بلوچ ۽ شريڪ جوابدارن کي بنا ڪنهن ٽرائل جي آزاد ڪيو ويو. بريت کي ڪالعدم قرار ڏئي ڪيس واپس اي ٽي سي ڏانهن ٽرائل لاءِ موڪليو وڃي، اي ٽي سي کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪيس جي ٻڌڻي ۽ فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو