شهرين کي لائسنس جي نالي تي حراسان نه ڪريو،حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ڊرائيورن جو ڪرمنل رڪارڊ ٺاهڻ خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس علي ضياءَ باجوه پوليس اهلڪارن کي لائسنس جي نالي تي شهرين کي حراسان ڪرڻ کان روڪيندي هڪ صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پوليس کي ڪنهن به شهري کي حراسان ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي.عدالت ايس پي سي آر او کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايس پي سي آر او آفيسرن کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهري ورتو آهي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي او ٻڌايو ته گهٽ عمر ۽ غير لائسنس يافته ڊرائيورن خلاف آپريشن جاري آهي، سي ٽي او موجب آپريشن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين لائسنس حاصل ڪيا.لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ايس پي آپريشن چيو ته بغير لائسنس جي گرفتار ڊرائيورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شهرين کي هراسان نه ڪرڻ کي يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو