ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) شهداد ڪوٽ ۽ ان جي آس پاس زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي ۽ سونامي مانيٽرنگ سينٽر موجب، شهداد ڪوٽ ۽ ان جي آس پاس ۾ 12:36 تي 5.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو.آفيسرن چيو ته زلزلي جي کوٽائي 14 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته مرڪز شهداد ڪوٽ کان تقريباً 74 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو.زلزلي سبب ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ شهري ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي.










