شبلي فراز ۽ عمر ايوب سميت 9 اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر نااهل قرار

شبلي فراز ۽ عمر ايوب سميت 9 اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر نااهل قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي 9 ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جن ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب شامل آهن. اليڪشن ڪميشن سڀني ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. سڀني ميمبرن کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزا ملڻ کان پوءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي 9 ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ۽ ڪميشن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي سڀني ميمبرن جي سيٽن کي خالي قرار ڏنو آهي.اليڪشن ڪميشن پاران نااهل قرار ڏنل ميمبرن ۾ هڪ سينيٽر، قومي اسيمبلي جا 5 ميمبر ۽ پنجاب اسيمبلي جا 3 ميمبر شامل آهن.اليڪشن ڪميشن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جن ۾ شبلي فراز ۽ عمر ايوب، حامد رضا، راءِ حيدر، راءِ حسن، زرتاج گل، جنيد افضل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو