شھدادپور(ن س)شھدادپور جي شاھپور چاڪر روڊ تي قائم ريلوي ڦاٽڪ لڳ مسافر ٽرين مان ڪراچي سر شاهه سليمان روڊ عيسي نگري جو رھواسي بشير مسيح ھلندڙ ٽرين تان ڪري پيو ـ جيڪو سخت زخمي ٿي پيو ـ جنهن کي علائقي واسين ڏسي ريلوي پوليس کي اطلاع ڏنو ريلوي پوليس ايمبولينس ذريعي زخمي کي سمس اسپتال شھدادپور آندو جتي طبي امداد ڏني پئي وڃي ـ زخمي جي کيسي مان شناخت ڪارڊ مليو آهي جنهن ۾ ڪراچي جي سر شاهه سليمان روڊ عيسي نگري جو رھواسي بشير ميسح طور ٿئي آھي پوليس موجب مامعلي جي جانچ ڪئي پئي وڃي ـ










