شاهه محمود ۽ زين جا ڪاغذ منظور، حليم عادل کي به اجازت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 214 عمرڪوٽ مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.عمرڪوٽ مان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس عدنان الڪريم چئلينج ڪيو هو.اليڪشن ٽربيونل شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جون اپيلون منظور ڪندي اين اي 214 عمرڪوٽ تان ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.اليڪشن ٽربيونل به رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف حليم عادل کي اين اي 238 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اين اي 241 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار مرزا اختر بيگ کي چونڊ وڙهڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي.جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو ته ٻٽي شهريت ختم ٿي وئي ته حلف نامو جمع ڪرايو. جيڪڏهن حلف ناما ڪوڙو ثابت ٿيو ته اليڪشن کٽڻ کان پوءِ فتح رد ڪئي ويندي.ٽربيونل اين اي 241 تان پي ٽي آءِ اميدوار ارسلان خالد جي اپيل پڻ منظور ڪندي کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو