اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري بعد ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اعتراض واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان دستاويز ترتيب ۾ نه ڏنا هئا ان ڪري اعتراض هو، توهان دستاويز ترتيب ۾ رکو ۽ ٻيهر ڏيو.شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري چيو ته اسان جي درخواست تڪڙي آهي، جيڪڏهن توهان نوٽيس ڏيو ها ته نواز ٿيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته توهان دستاويز ڏيو پوءِ ان تي نوٽيس جاري ڪيو.










