شاهه محمود جو جڊيشل ريمانڊ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪرٽ ايڪٽ ڪورٽ پي ٽي آئي جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي 14 ڏينهن جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو اسلام آباد جي سيڪرٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ڏس ۾ ايف آئي اي ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي شاهه محمود کي عدلت ۾ پيش ڪيو ڪيس جي حوالي سان اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، شاهه خاور، جڏهن ته شاهه محمود طرفان وڪيل عمرنيازي، شعيب شاهين ۽ بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران ايف آئي اي جي اسپيشل پراسيڪيوتر شاهه محمود جي وڪيل جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته شاهه محمود کان موبائيل فون ۽ سائفر هٿ ڪرائڻي آهي ذريعن موجب ٻڌڻي دوران جج شاهه محمود جي جاچ بابت ايف آئي اي کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڇا جاچ ڪئي. عدالت شاهه محمود جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ گهرڻ تي ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو ۽ ايف آئي اي جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي اپيل منظور ڪري ڇڏي عدالت شاهه محمود کي 14 ڏينهن جي جڊيشل ريماند تي جيل اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو