شاهد خاقان عباسي نيب ايل اين جي ريفرنس مان بري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو.نيب ريفرنس واپس وٺڻ بعد احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.ان کان اڳ نيب شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب طرفان ريفرنس ختم ڪرڻ جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ريفرنس ختم ڪرڻ جي درخواست پي ايس او جي اڳوڻي سربراهه طرفان ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو