سکر:(رپورٽر) سکر جي سينٽر جيل ۾ عمر قيد جي سزا ماڻيندڙ قيدي علي رضا پٽ عبدالستار مغل جو جيل اندر ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، جيل انتظاميا موجب علي رضا مغل پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي جيل ذريعن موجب علي رضا سال 2017ع ۾ پنهنجي گهر واري جي قتل ڪيس ۾ کيس عدالت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هو گذريل 9 ورهين کان سزا ڪاٽي رهيو هو۔ جيل انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته قيدي مبينا طور پاڻ کي ڦاهو لڳائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. واقعي بعد فوتي جو لاش ضروري ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻئي پاسي مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ علي رضا مغل جي وارثن محمد نديم مغل چيو آهي ته علي رضا مڪمل طور تي صحتمند ۽ حوصلي وارو شخص هو ڪجهه ڏينهن اڳ جيل اندر ملاقات دوران هن ڪا به ذهني پريشاني يا اهڙي ڳالهه ظاهر نه ڪئي هئي ته جنهن مان ظاهر ٿئي ته هو اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو۔ وارثن الزام لڳائيندي چيو ته شڪ آهي ته اسانجي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي تنهن ڪري واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائي اصل حقيقتون ظاهر ڪيون وڃن.










