يوم عاشور،بهاولنگر ۾ ڌماڪي سبب 2 فوت 50 کان مٿي زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو ڏينهن يعني عاشور جو ڏينهن وڏي احترام ۽ عقيدي سان ملهايو ويو. بھاولنگر ۾ يوم عاشور جي ماتمي  جلوس مٿان 2 هينڊ گرنيڊ اڇلائڻ سبب 2 ڄنا فوت ۽ 50 کان مٿي زخمي ٿي پيا. پنجاب جي گهرو کاتي جي وزير راجا بشارت موجب ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.  ماتمي جلوس مهاجر ڪالوني وٽ پهتو ته ڌماڪو ٿيو، امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، پوليس جو چوڻ آھي تھ ڌماڪي سبب 2ڄڻا مارجي  ويا، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پوليس ھڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آھي. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته جلوس جڏهن مسجد وٽ پهتو ته سيڪورٽي غائب هئي.ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئٽا ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ جلوس پنهنجي پنهنجي مقرر رستن تي سخت سيڪورٽي ۾ روان دوان آهن. جلوسن ۾ سينا ڪوبي، زنجيرزني، نوحه خواني به ڪئي پئي وڃي. پيغمبر اسلام حضرت محمد صلعم جن جي ڏوهٽن کي اڄ کان 1341 سال اڳ 61هين هجري ۽ 680 عيسوي سال ۾ شهيد ڪيو ويو هو. ان جي ياد ۾ هر سال دنيا ڀر ۾ شيعه عقيدي جا لکين مسلمان ان دردناڪ منظر کي ياد ڪري ڏک ملهائيندا آهن. .**** سکر مان نمائندي موجب  يوم عاشوري جي ڏهاڙي تي انتهائي حساس ماتمي جلوس امام بارگاهه علي المرتضي شڪارپور ڦاٽڪ کان برآمد ٿيو . برآمد ٿيل ماتمي جلوس روايتي رستن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاهه غريب آباد ۾ نهر ٿيندو. ماتمي جلوس ۾ عزادار ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ڪري رهيا آهن.ماتمي جلوس لاء سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا پوليس ۽ رينجرز جوان الرٽ بيٺل. ضلعي اندر يوم عاشوري جي ڏهاڙي تي 44 ننڍن ۽ وڏن ماتمي جلوسن سميت 77 مجلسون منعقد ڪيون ويون . انتظاميه طرفان 2 ماتمي جلوسن کي انتهائي حساس 4 حساس ۽ 38 نارمل جلوس قرار ڏنا ويا آهن. ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاء 2500 سئو پوليس اهلڪار 400 سئو کان وڌيڪ رينجرز جوان ۽ 3 فوج جون ڪمپنيون پنهنجا فرض نڀائي رهيون آهن.***اوٻاوڙو ۾ڪربلا  جي شھيدن کي ڀياٽا پيش ڪرڻ لاء مرڪز ولايت طرفان سيد جيوڻ عباس شاھ جي اڳواڻي ۾ چوڪماڙي کان اوٻاوڙو قديمي الحسيني امام بارگاھ 10 ڪلو ميٽر سفر طئي ڪري پهتو.

Obavro Muhram Rally

جن جي سيڪورٽي ۾ موٽر وي پوليس رينجرز ۽ضلع گهوٽڪي جي پوليس هاء الرٽ ٿيل آھي جڏهن ته عزادارن پاران وڏي جوش ۽ جذبي سان سينا زني ماتم مڇلين ۽ چاڪو جو به استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جلوس قديمي امام بارگاھ الحسيني ۾ پهچڻ بعد شهر جي مختلف امام بارگاهن ۽ درگاهن تي عقيدت مند حاضري ڀريندا ۽ جلوس شام جو 6 وڳي شام غريبان ٻڌڻ بعد روان دوان ٿي ويندو*** خانپورمهرمان آفتاب سيال موجب ماتمي جلوس پهلوان فقير جي پڙ تان برآمد ٿيو، ماتمي جلوس ۾ شريڪ سوين مومن خنجر سينا زني. تلوار. زنجيرن سان ماتم ڪري رهيا آهن.

Khanpur Mahar Rally

خانپورمهر ۽ ان آس پاس وارن علائقن ۾ ننڍا وڏا 30 کان ماتمي جلوس بر آمد ٿيا آهن. ماتمي جلوس شهر جي مختلف روٽن تان ٿيندي پنج گلي چوڪ تي پهچي نهر ٿيندو .ماتمي جلوس جي روٽ تي مختلف سبيلن جا اسٽال لڳايو ويون آهن، ماتمي جلوس تي نگراني رينجرز ۽ پوليس سميت الحيدري اسڪائوٽنگ جا رضا ڪار ڪري رهيا آهن.****ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون ) شهر جي مرڪزي امام بارگاه عزا خانه زهره ۽ بچل شاه امام بارگاه مان صبح جو ذوالجناح سان نڪتل جلوس ڳوٺ پهاڙ مري وڃي اتان کان واپس ٿي باگو واھ جي پل تي پهتو ته  ڀر پاسي جي ڳوٺن مان آيل ڪيترائي جلوس مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا. ماتم داري ڪرڻ بعد لڪياري جي پڙ ۾ مجلس عزا کي مولوي انثار ثقلين مشهدي خطاب ڪيو.

Tando Bagho Muhram Rally

جنهن بعد جلوس سمن شاهه جي پڙ کان پوءِ ميرن جي ديري تي پهتو. جتي ظهر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ جلوس ٻيهر بچل شاه جي پڙ کان ٽنڊوباگو جي شاهي بازار ۾ پهتو جتي نوحن تي ماتم ڪرڻ بعد جلوس بخاري جي پڙ ۾ پهتو جتي مجلس شام غريبان کان پوءِ زنجيرن جو ماتم ڪرڻ بعد جلوس شام جو لڪياري جي پڙ ۾ اختتام پذير ٿيو. جڏهن ته ٽنڊوباگو جي مختلف پڙن تان نڪتل سيجن جو جلوس پڻ شهر جي سرڪل روڊ تان ٿيندو لڪياري جي پڙ ۾ نهر ٿيو. ****ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند) ننڍن وڏن شهرن نظرپور ؛ مويا ؛ ڏندو ؛ ٽمون جلاڻي موري ؛ متارو پوليس چيڪ پوسٽ سميت 10 محرم الحرام جي ڏينهن تي ماتمي جلوس بر آمد  عزاداري جو سلسلو جاري امام ڪائنات حسين رضه الله عنه کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء مختلف امام بارگاهن تي مجلسون قائم ننڍا وڏا ماتمي جلوس نڪرڻ جو سلسلو جاري.

Tando Ghulam Haider Rally, Photo Sindhyar

امام بارگاه انجمن دعا زهره تي ماتمي جلوس پهتو جتي پڻ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو جنهن کان پوء دعا بتول ؛ لغاري موڙ چانڊيا ڳوٺ ۽ درگاه محمود شاه تي ماتمي جلوس جا وڏا قافلا پهتا جتي وڏي انگ ۾ عزادارن ۽ مومنن شرڪت ڪئي جنهن بعد سڀئي جلوسي قافلا گڏجي هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڙيو گنهور روڊ تان روان دوان  ٿيندو ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ اختتمام پذير ٿيو جنهن بعد مجلس عزا ٿيندي ۽ مولوي علي اڪبر مجلس عزا کي خطاب ڪيو ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل لازوال قربانين تي روشني وڌي.****صالح پٽ (ن سنڌيار) امام بارگاهه علي رضا کان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو ماتمي جلوس سيد گل حسن شاهه اسٽاپ کان برآمد ڪيو ويو جيڪو پوليس لائن چوڪ تي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿي ويو, ماتمي جلوس ۾ عزادار المن ۽ تعزين جي سائي ۾ حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪندي زنجير زني ۽ سينه ڪوبي ڪندي نوحه خواني ڪندا رهيا, مرڪزي ماتمي جلوس روايتي رستن دڙو محلا, پوليس لائن چوڪ, شاهي بازار, تير چوڪ کان ٿيندو شام ڌاري امام بارگاه زينبيه وٽ اختتام پزير ٿي ويندو جتي لنگر ڪرايو ويو.

Muhram Rally Saleh Patt

جڏهن ته ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي لاء صالح پٽ جي ايس ايڇ او لياڪت حسين لاشاري جي اڳواڻي ۾ رينجرس ۽ شيعه علماء ڪائونسل ۽ جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي اسڪائوٽس پاران سيڪيورٽي جا  سخت انتظام ڪيا ويا آهن.****ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) يوم عاشور تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي . رينجرز ڪرنل راء جاويد جلوسن جي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته محرم الحرام عظيم ۽ برڪتن وارو مهينو آهي ۽ واقع ڪربلا صبر،تحمل ۽ قرباني جو لازوال مثال آهي جنهن جو تاريخ ۾ متبادل ڪوبه مثال نٿو ملي.

KandhKot Muhram Rally security

ڊپٽي ڪمشنر  چيو ته يوم عاشور جي ڏينھن جي حوالي سان سخت سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آھي جنھن تحت پوليس۽ رينجرس  جا 3000 کان وڌيڪ جوان پنهنجا فرائض  انجام ڏين پيا. ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل ڪنٽرول روم    24 ڪلاڪ کليل آهي ۽   لاڳاپيل کاتن جا عملدار موجود آهن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي.****سلطانپور (رپورٽ قربان علي مهر) مرڪزي امام بارگاھ کان هڪ وڏو جلوس حسيني رسول بخش جوڻيجو، اعجاز احمد سمائر جي اڳواڻي ۾  برآمد ٿيو، جنهن پنهنجي روايتي رستن گھٽين، چوراهن، چوڪن کان گذر ڪيو، جلوس ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ عزادارن پاران عزاداري  زني توڙي زنجير زني ۾ زخمي ٿيندڙ عزادارن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ لاءِ پڻ بي ايڇ يو سينٽر سلطانپور جي انچارج ڊاڪٽر وحيد سمائر ۽ سندس ٽيم طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي زخمين کي طبي امداد ڏنو ويو.

Sultanpur Muhram Rally

هوڏانهن جلوس  شهر جي مين چوڪ وٽ پهچڻ تي جلوس هڪ مجلس جي صورت اختيار ڪري ويو، جنهن کي شيعا عالمن ۽ ذاڪرن پاران خطاب ڪندي حضرت امام حسين عليه سلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي زندگي تي روشني وڌي ۽ واقعو بيان ڪيو، جنهن کان پوءِ جلوس پير ابراهيم شاھ جي درگاھ تي پهتو ماتمي جلوس مختلف هنڌن تان ٿيندي سلطانپور جي مک چوڪ تي مجلس جي شڪل اختيار ڪئي جتي زاڪرين پڻ خطاب ڪيو ان کانپوءِ نماز ظهرين ادا ڪري جلوس پير ابراهيم شاه بادشاهه روان ٿيندو جتي نياز ننگر ڪرڻ بعد ساڳي هنڌ پڻ نهر ٿيو ماتمي جلوس دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪينٽ پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو