سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن ڇا ڪيو پر نالو وٺڻ لاءِ تيار نه آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي پر ڪنهن کي همت ناهي ته انهن جو نالو وٺي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهرمن الله تي ٻڌل 3 رڪني بينچ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل، شيخ رشيد جو وڪيل ۽ شيخ رشيد پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس شيخ رشيد کان پڇاڻو ڪيو ته هن درخواست ڇو داخل ڪرائي؟ ان تي سندس وڪيل چيو ته ايجنسين جي رپورٽ ۾ ڪجهه غلط فهميون هيون، جنهن تي نظرثاني ڪئي وئي.ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڪستان مذاق ته ناهي،هن ملڪ کي مذاق نه بڻايو وڃي جيڪو دل چئي اهو ڪريو،پوري ملڪ کي نچايو ويو،پوءِ مٿان کان حڪم آيو ته نظرثاني واپس وٺڻ جو چئي ڇڏيو،نظرثاني داخل ڪرڻ تي ٺيڪ آهي پر 4 سالن کانپوءِ واپس وٺڻ عجيب آهي، عدالت شيخ رشيد جي نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس چيو ته ججن سميت سمورن ماڻهو قابل آهن،اهڙو تاثر به موجود آهي ته سپريم ڪورٽ کي به ٻاهر کان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. چيو وڃي ٿو ته فلاڻي ڪيس ۾ فلاڻو فيصلو ايندو، عدالت ۾ ڪير به سچ نٿو ڳالهائي ڪنهن جي چوڻ تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي هئي. نفرت پکيڙڻ کانپوءِ ماڻهو پاڻ ئي پوئتي هٽي ويندا آهن، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي ساڙڻ وارن کي هيرو چيو ويندو آهي، پهرين ڌرڻن جي حق ۾ بيان ڏنا ويا، هاڻي عدالت ۾ اچي چون ٿا ته ڪيس هلائڻ نٿا چاهيون. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته موقعو مليو ته ملڪ جي وڌيڪ خدمت ڪندو؟ جڏهن شيخ رشيد جواب ڏيڻ لاءِ روسٽرم طرف ويو ته چيف جسٽس کيس روڪيندي چيو ته اسان توهان سان نه پر توهان جي وڪيل ڳالهائي رهيا آهيون. جسٽس قاضي فائز چيو ته توهان ٻيهر عوام جي خدمت ڪندا يا گهر ۾ ويهي الله الله ڪندا؟ هتي ڪيس جو فيصلو به آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان سڀ کان وڌيڪ قابل احتساب آهيون، هتي اهو به فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته ڪهڙو ڪيس طئي ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي کي دٻائڻو آهي، هتي اهو طئي ٿيو ته اڄ درخواست آئي آهي ته سڀاڻي مقرر ٿيڻي آهي، عدالتون ھاڻي ھن وانگر نه هلنديون. شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته هاڻي سڀني عدالتن جو اهڙو حال آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي مارچ 2018 جي ڳالهه آهي ،فيصلن کان پهريان به فيصلا آهن ؟،جيڪو سمجهو وڃي ٿو ته عدالتون ڪنٽرول هيون،هي ڪيس ان جي وڏي مثال آهي،خبر سڀني کي آهي ڪير ڪري رهيو هو پر نالو کڻڻ جي همت ڪنهن ۾ به ناهي،ملڪ جي دنيا ۾ بدنامي سامان بڻايو ويو،ملڪ جي دشمن ٻاهريان جا ناهن،ملڪ جي اند ئي سڀ دشمن آهن، ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته شيخ رشيد جو نالو آءِ ايس آءِ رپورٽ ۾ هو، شيخ رشيد پاڻ پارليامينٽرين هو، آءِ ايس آءِ خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ هوڏانهن اٽارني جنرل انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو ته انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي سببن جي جاچ ڪندي،چيف جسٽس سوال ڪيو ته ان ۾ وزارت دفاع جو نمائندو ڇو شامل ناهي؟ حڪومتي ڪميشن يا ته اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ آهي يا نئين تاريخ لکندي،اسان کي اميد آهي ته ڪميشن شفاف انڪوائري ڪندي،ٽي آر اوز ۾ هي ڇو ناهي ته ڪئين 9 نظرثاني درخواستون دائر ڪيون؟، عدالت وفاقي حڪومت کي انڪوائري ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ اضافو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو