سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ ۾ سياري جون موڪلون 18 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين هونديون، پر اهم ڪيسن جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن دوران ٿيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سياري جي موڪلن دوران سپريم ڪورٽ جون آفيسون کليل رهنديون، موڪلن دوران ڪميٽي پاران مقرر ڪيل ڪيس به ٻڌا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو