سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي مدي ۾ تبديلي جو اشارو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي مدي ۾ تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهري جي خلاف پلاٽ جي ملڪيت واري ڪيس ۾ چيف جسٽس فائز عيسيٰ مدي ۾ تبديلي لاءِ سينئر وڪيلن کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس پلاٽ جي تڪرار واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيل جو مدو ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ وڪيلن جواب ڏنو ته اپيل جي مدي بابت سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ جو هڪ فيصلو موجود آهي. فروغ نسيم چيو ته پنج رڪني بينچ جو فيصلو محدود آهي اوهان کي نئين سري سان جائزو وٺڻو پوندو. ٻڌڻي دوران بيرسٽر صلاح الدين فروغ نسيم، خالد جاويد ۽ ٻين معاملي تي انتظامي طور تي جائزو وٺڻ جو مشورو ڏنو. چيف جسٽس چيو ته صحيح آهي انهي معاملي کي به ڏسون ٿا ته اهو انتظامي طور تي يا جوڊيشل سائيڊ تي حل ٿيندو. ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته توهان جي دور ۾ ڪيترائي منفرد فيصلا ٿيا آهن، هن معاملي تي به تونيڪ فيصلو ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس خوشگوار موڊ ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته يونيڪ فيصلو سٺو به ٿي سگهي ٿو ۽ خراب به ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان شهري حڪومت جي وڪيل طرفان مهلت طلب ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو آهي.، جڏهن ته سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ کي به فوري پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ چيو ته اوهان ماڻهن عدالت کي مذاق بنائي ڇڏيو آهي ڪيس داخل ڪريو ٿا ته پيروي به ڪندا ڪريو. ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف جسٽس چيو ته 15 سالن کان ڪيس داخل ٿيل آهي ڇو نٿا هلايو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جو مذاق نه بنايو، هر ڀيري التوا جي درخواست ڏئي ٿا ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو