اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن لاءِ پولنگ شروع ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل 10 منٽن جي دير کانپوءِ شروع ٿيو.سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي چونڊن ۾ پولنگ جو عمل پارٽين جي پولنگ ايجنٽن جي نه پهچڻ سبب دير جو شڪار ٿي ويو.پولنگ عمل لاءِ سينيئر وڪيلن ۽ اڳوڻي ججن جي ووٽنگ لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي.
