سپريم ڪورٽ، پلاٽ جي مالڪي ڪيس، ميئر ڪراچي طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهري خلاف شهري جي پلاٽ مالڪي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهري حڪومت جي وڪيل طرفان مهلت گهرڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ ۾ اچي ويو.سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي به فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ماڻهن عدالت جو مذاق اڏايو آهي. عدالت جو مذاق نه بڻيو، بار بار ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪن ٿا، شهري حڪومت جو سربراهه ڪير آهي؟ بئريسٽر فروغ نسيم جواب ڏنو ته ڪراچي جو ميئر سربراهه آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هاڻي ڪراچي جو ميئر ڪير آهي؟ بئريسٽر فروغ نسيم جواب ڏنو ته مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي فوري طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته پلاٽ جي مالڪي بابت شهري حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو