جسٽس مظاهر کي شوڪاز نوٽيس جاري 2 هفتن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. جاري ڪيل بيان موجب چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ جسٽس طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽش امير ڀٽي ۽ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ 29 شڪايتن تي غور ڪيو ويو ۽ 18 شڪايتون ناڪافي ثبوتن سبب خارج ڪيون ويون ۽ وڪيلن کي تنبيهه ڪئي وئي ته هو ناڪافي ثبوتن سان اهڙيون درخواستون داخل نه ڪن. جڏهن ته 10 شڪايتون جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف هيون، جنهن جون ڪاپيون سندس حوالي ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪيو ويو. جنهن بابت ٻن ججن چيو ته هنن کي وقت گهرجي ان معالي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ. سندس خلاف ڪاروائي بابت فيصلو ڻم ججم جي ڀيٽ ۾ ٽن ججن جي اڪثريت راءِ سان ڪيو ويو. ياد رهي ته جسٽس مظاهر علي نقوي تي اختيارن جي غلط استعمال، ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ ڪرپشن جا الزام آهن. هو جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج هو 2012 ۾ ان وقت جوابدار نذير احمد جي ضمانت رد ڪئي هئي پر جڏهن هن وڪيل تبديل ڪري ٻيهر درخواست داخل ڪئي ته کيس ضمانت ملي وئي. هئي. جسٽس مظاهر جي فون ٽيپ به مواد ۾ شامل آهي جڏهن پرويز الاهي کي هو چوي پيو ته گهر نه اچو پر، پرويز الاهي سندس گهر پهچي ويو هو. مسلم ليگ الزام هنيو هو ته پرويز الاهي جي پي ايس محمد خان ڀٽي کي جج جي گهر ۾ پناهه ڏني وئي هئي جڏهن هو ڪيس ۾ مفرور هو.  سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سردار طارق مسعود ۽ نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. بيان موجب جسٽس اعجاز الاحسن خلاف شڪايت آئي ته هو اجلاس مان اٿي ويو سندس خلاف شڪايت تي غور وقت جسٽس منصور شرڪت ڪئي ۽ سندس خلاف شڪايت رد ڪئي وئي. آمنه ملڪ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف شڪايت ڪئي هئي ان تي غور دوران هو ڪائونسل مان اٿي ويو، جسٽس منصور ان وقت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪائونسل آمنه ملڪ کي اضافي دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ کيس ايندڙ اجلاس ۾ خود پيش ٿيڻ جو چيو ويو. کيس هدايت ڪئي وئي ته هو سڀ گهربل دستاويز واسطيدار جج کي پيش ڪري جيئن هو جواب داخل ڪري سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پراسيڪيوٽر طور پيش ٿيندو، جڏهن ته جسٽس مظاهر کي ڪائونسل جي ڪارروائي کي اوپن ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اختيار پڻ حاصل آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ اٽارني جنرل پراسيڪيوٽر طور پيش ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو