تاحيات نا اهلي بنيادي انساني حقن جي خلاف قرار، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح تي فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ فيصلو 1-6 جي اڪثريت سان ٻڌايو.عدالت سميع الله بلوچ جي نااهلي ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه ٿيندي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تحت نااهلي جي مدت 5 سال آهي،نااهلي جي قانون کي پرکڻ جي ضرورت ناهي، آئين ۾ 62 ون ايف جي تشريح عدالتي فيصلي ذريعي پڙهڻي آهي،بيان ڏيڻ لاءِ قانون جو ڪوبه عمل ناهي فيصلي ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 62 ون جو ذڪر ناهي ته ڪورٽ آف لا ڇا آهي، آرٽيڪل 62 ون بيان نٿو ڪري ته ڊڪليئريشن ڪير ڏئي، آرٽيڪل 62 ون اهو ناهي ٻڌائي ته نااهلي جي مدت ڪيتري هوندي،اهڙو ڪو به قانون ناهي جيڪو بيان ڪري ته آرٽيڪل 62 ايف تحت نااهليءَ جو طريقيڪار ڇا هوندو.فيصلي جي متن موجب اهڙو ڪو به قانون ناهي جيڪو واضح ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهليءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو پڻ واضح ناهي ته ڇا 62 ون ايف تحت نااهلگي منصفانه آزمائش ۽ قانوني گهرجن سان مطابقت رکي ٿي.

جسٽس يحيٰ آفريدي جو فيصلي سان اختلاف

جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي سان اختلاف ڪندي چيو ته 621 ون ايف تحت نااهلي زندگي لاءِ به ناهي، نااهلي ان وقت تائين ٿيندي آهي جيستائين عدالتي فيصلو نه اچي، سميع الله بلوچ جو فيصلو درست هو.چيف جسٽس چيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ضروري هو ته اهو فيصلو فوري طور تي ٻڌايو وڃي، سمورن وڪيلن ۽ اٽارني جنرل جي اچڻ تي شڪريو ادا ڪريون ٿا.واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ 5 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو