سوچ ۽ فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت اڻپوري آھي، شاهه

سوچ ۽ فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت اڻپوري آھي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سوچ ئي قومن جي تقدير بدلائڻ واري اصل طاقت آهي ۽ باشعور فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت جو خواب اڻپورو آھي. هي ڳالهه هن ورلڊ ٿنڪنگ ڊي جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تنقيدي سوچ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ برداشت قومي ترقي جو بنياد آهن. هن نوجوان نسل ۾ فڪري آزادي ۽ قيادت جي تربيت تي زور ڀريندي چيو ته پاليسي سازي ۾ ڏاھپ، تحقيق ۽ اجتماعي شعور کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج مثبت رخ ڏانھن اڳتي وڌي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ “صحتمند دماغ، صحتمند سماج” جي عنوان سان ورلڊ اينسيفلائٽس ڊي پڻ ملهايو پيو وڃي، جيڪو دماغي صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت دماغي صحت جي تحفظ کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن جي ترقي لاءِ ڀرپور اپاءَ وٺي آهي. وڏي وزير چيو تھ صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ئي پائيدار استحڪام جي ضمانت آهي ۽ پيپلز پارٽي حڪومت عوام کي بهتر طبي سهولتون ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.ٻئي بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشتگردن خلاف سوڀ ماڻڻ تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي. وڏي وزير سندس بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ قائم دهشتگردن جا ست ٺڪاڻا ڪاميابيءَ سان تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ پاڪستان جو دفاعي ردعمل آهي ۽ قومي سلامتي بابت زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تازن آپگھاتي حملن پٺيان ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد جي امام بارگاهه، باجوڙ ۽ بنون ۾ ٿيل حملن جا پڪا ثبوت موجود آهن. وڏي وزير چيو تھ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف فيصلائتي ڪارروائي قوم جي تحفظ لاءِ لازمي آهي. سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، رياست مڪمل طور تي متحرڪ آهي ۽ عوام متحد آهن. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت رياست جي پهرين ذميواري آهي ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو