سون جي قيمتن گهٽتائي کانپوءِ وڏي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 2 ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ وڌي ويو آهي.ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 800 رپيا في تولو اضافو ٿيو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 24 قيراط سون جو اگهه 2 لک 18 هزار 900 رپيا في تولو ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب 685 رپين جي واڌ کانپوءِ 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه 1 لک 86 هزار 671 رپيا ٿي ويو آهي.عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر وڌي 2 هزار 30 ڊالر في اونس ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو