سنڌ ۾ بدامني بابت چيف جسٽس اجلاس طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف جسٽس سنڌ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي صوبائي انصاف ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.ڊي جي سنڌ رينجرز، ڊي آءِ جي سکر، لاڙڪاڻو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن سکر ڪراچي جي صدر، ضلعي بار جي صدر، ايس ايس پيز سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سمورن رجسٽرار کي خط موڪليا ويا آهن. صوبائي انصاف ڪميٽي جي صدارت چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو