سنڌ پوليس جو مقصد رڳو حليم عادل کي جيل ۾ رکڻ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس جو مقصد رڳو حليم عادل شيخ کي جيل ۾ رکڻ آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي پٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت چيو ته حليم عادل شيخ پاڪستاني شهري آهي ۽ ان جا به بنيادي حق آهن، سنڌ پوليس قانون تي ايئن عمل نه ڪري رهي آهي جيئن ٿيڻ گهرجي.جسٽس عمر سيال چيو ته حليم عادل شيخ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ غير معمولي ڳالهه آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس جو حليم عادل کي هڪ سال کان وڌيڪ جيل جي سلاخن پٺيان رکڻ درست ناهي، سنڌ پوليس کي ياد رکڻ گهرجي ته هڪ عام ماڻهو فوجداري انصاف واري نظام تي يقين رکي ٿو، اهڙي رويي جو. سنڌ پوليس عام ماڻهو جو اعتماد مجروح ڪري رهي آهي.جسٽس عمر سيال چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس تي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائي، پوليس کي خودمختيار ادارو بڻايو وڃي ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي، حليم عادل شيخ کي سمورن درج ٿيل ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.عدالت حليم عادل شيخ جي پٽ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو