6 ايڊيشنل ججن مستقل ججن طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن مستقل ججن طور حلف کڻي ورتو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي مستقل ججن کان حلف ورتو. تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن، بار ايسوسيئيشن جي نمائندن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.حلف برداري واري تقريب ۾ مستقل ججن جي خاندانن به شرڪت ڪئي. اهي سڀئي 6 جج 2023 ۾ ايڊيشنل جج طور مقرر ڪيا ويا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 32 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 8 ججن جون پوسٽون اڃا تائين خالي پيل آهن.مستقل ججن طور حلف کڻندڙ ججن ۾ جسٽس امجد علي بوهيو، جسٽس ثنا اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سرواڻي، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس عبدالرحمان ۽ جسٽس ارباب علي حاڪرو شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو