ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن کي مستقل جج مقرر ڪيو ويو آهي.قانون واري وزارت 6 ايڊيشنل ججن کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي مستقل مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.مستقل ججن ۾ جسٽس امجد علي ٻوهيو، جسٽس ثنا اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سرواڻي، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس عبدالرحمان، جسٽس ارباب علي هڪڙو شامل آهن،جڊيشل ڪميشن گذريل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي انهن 6 ججن کي مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.پارلياماني ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.










