سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ عارضي چيئرمينز جي مقرري رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽحيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد، بينظير آباد ۽ ٻين بورڊن کي عارضي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو،عدالت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري جي مقرري 2021ع ۾ ڏنل اشتهار موجب ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي،عدالت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري کان 3 نومبر تائين عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي،عدالت ريمارڪس ڏنا ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي کانسواءِ سمورن بورڊز جي چيئرمينن کي ايڊيشنل ۽ وقتي چارجز ڏنا ويا آهن،عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪجھ بورڊز جا چيئرمين ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ باوجود عهدن تي مقرر آھن، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي،عدالتي حڪم ۾ چيو آهي ته مارچ 2023ع ۾ عدالت بورڊز ۽ يونيورسٽيز جي سيڪريٽري کي رولز ٺاهي نوٽيفاء ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، مارچ 2023ع جي عدالتي حڪمن تي به عمل نه ٿيو آھي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي من پسند ماڻهن کي بورڊز ۾ مقرر ڪري رهي آهي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر جي تعليمي بورڊن ۾ چيئرمينن کي اضافي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران اضافي ۽ قائم مقام چارج جو نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو