اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سنڌو درياءَ ۾ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي فصلون نقصان پهتيون آهن.متاثرين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ سبب سندن گهر به ٽٽڻ شروع ٿي ويا آهن.چناب درياءَ جي ٻوڏ سبب جهنگ ۾ ڏهه کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.ليه ۾ 4 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ سبب درجنين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته تونسا سپر ڊيم ٽٽڻ کان پوءِ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.راجن پور وٽ سنڌو درياءَ جي پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، ٻوڏ جي پاڻي درياءَ جي ڪنارن تي پوکيل فصلن کي نقصان پهچايو آهي.ٻوڏ جي صورتحال سبب ميانوالي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوکيل هزارين ايڪڙ مونگ ۽ ڪپهه جي فصلن کي نقصان پهتو آهي.










