“سمجھ ۾ نٿو اچي ته ننڍين ڳالهين تي ڪاغذ رد ”عمير جا ڪاغذ منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ٽربيونل ميانوالي جي تڪ اين اي 89 ۽ 90 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان عمران خان ۽ بئريسٽر عمير نيازي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي سندس نالو اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس چوڌري عبدالعزيز فيصلو ٻڌايو ۽ ريٽرننگ آفيسر ميانوالي جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.ٽربيونل چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته رٽرننگ آفيسر (آر اوز) ننڍين معاملن تي ڪاغذ رد ڇو ڪيا.ٽربيونل آر او کي حڪم ڏنو ته عمير نيازي جو نالو اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ چونڊ نشان الاٽ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو