سلمان عبدالله مراد جي  ڪي پي سي جي نون عهديدارن کي مبارڪباد

سلمان عبدالله مراد جي ڪي پي سي جي نون عهديدارن کي مبارڪباد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني۔ ان موقعي تي هن نون چونڊيل صدر فاضل جميلي، نائب صدر ارشاد کوکر، سيڪريٽري محمد اسلم خان، جوائنٽ سيڪريٽري فاروق سميع ۽ خازن عمران ايوب کي سنڌ جي روايتي اجرڪ پيش ڪئي ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو۔ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن قاري عبدالجبار، اختر سومرو، شيما صديقي، فريال عارف، جاويد صبا، فريد عالم ۽ جاويد مهر لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت صحافتي برادري جي خدمت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي۔ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس پينل جي ڪاميابي صحافتي برادري جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي۔ هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هميشه جمهوري قدرن ۽ صحافت جي آزادي جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ادارو ڪراچي شهر جي صحافتي تاريخ جو هڪ مضبوط ۽ اهم ستون آهي۔ڊپٽي ميئر ڪراچي چيو ته نون چونڊيل قيادت کان اميد آهي ته هو صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا ۽ عوام جي آواز کي مؤثر نموني اجاگر ڪندا رهندا۔ هن بلديه عظميٰ ڪراچي جي طرفان صحافتي برادري سان مڪمل تعاون جي يقين دهاني پڻ ڪرائي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو