سفاري ٽرين جي خرچن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندس: شاهه

سفاري ٽرين جي خرچن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندس: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان حوالي سان هو وزيراعظم سان ڳالهائي سکر سفاري ٽرين جي قيمتن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو.سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار شاهه ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي سنڌ جي ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ بهترين قدم آهي. هي سفاري ٽرين ڪراچي کان سکر تائين ويندي.سفاري ٽرين جي حوالي سان هن چيو آهي ته گرمين جي موڪلن دوران سياحن کي هن ٽرين ذريعي گورک هِل اسٽيشن تي وٺي ويندا.سکر سفاري ٽرين جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو آهي ته هي ٽرين سياحن کي سڌو بيلا لينس ڊائون پل ۽ ڪوٽ ڊيجي به وٺي ويندي.ان موقعي تي سياحت کاتي جي هڪ خاص ٽرين ڪينٽ اسٽيشن کان موهن جو دڙو لاءِ روانو ٿي، جنهن جي مسافرن ۾ ثقافت ۽ سياحت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه به شامل هو.سياحت کاتي جي ترجمان موجب، پهرين ڏينهن تي، ٽرين جي شرڪت ڪندڙن کي لعل شهباز قلندر جي مزار جي زيارت لاءِ وٺي ويندا. ان کان پوءِ، ٽرين سيوهڻ کان لاڙڪاڻي لاءِ رواني ٿيندي، جتي شرڪت ڪندڙن لاءِ هڪ موسيقي جي تقريب هوندي، جنهن ۾ رهائش به شامل هوندي. ٻئي ڏينهن، شرڪت ڪندڙ موهن جو دڙو جو دورو ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو