رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ جاري ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي فلسطين تي لڳاتار حملن ۽ غزه ۾ تباهي کانپوءِ سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بابت آمريڪا کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان رائٽرز ۽ بلوم نيوز ايجنسين ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب ڳالهيون ختم نه ڪري رهيو آهي پر فلسطين ۾ جاري ويڙهه بند ٿيڻ تائين ڳالهيون بند ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به ايراني صدر سان فلسطين جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
