رياض (ويب ڊيسڪ)برطانوي بچاءَ واري وزير سعودي بچاءَ واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي.سعودي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيا جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو.ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سعودي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيه وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي جديد خطوط تي آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻنهي ملڪن جي بچاءَ واري وزيرن جي ملاقات ۾ غزه ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
